شيخ ڀرڪيو ۾ ڳوٺاڻن پاران روڊ نه ٺهڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

news

شيخ ڀرڪيو: جمعو 21 ڊسمبر 2018ع:شيخ ڀرڪيو ويجهو يوسي مولان جي ڳوٺ حاجي باگو ٽنگڙي جي ڳوٺاڻن جو روڊ نه ٺهڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، ڳوٺاڻن امجد علي ٽنگڙي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين الزام هڻندي چيو ته اسان جو ڳوٺ حاجي باگو ٽنگڙي تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي جي يوسي مولان مولان ۾ آهي ۽ اسان جي ڳوٺ ۾ حيدرآباد کان شيخ ڀرڪيو مين روڊ تي ڪم هلندڙ آهي پر ٺيڪيدار پنهنجي پسند ناپسند هلائي رهيو آهي، جيڪو اسان جي پاڙي جو هڪ فرلانگ روڊ جو ڪم بناجواز روڪي ذاتي دشمني ڪري رهيو آهي.

هنن چيو ته ٺيڪيدار اسان جي پاڙي جي هڪ فرلانگ جي ڪچي مٽي جي ڪجهه ڀرائي پڻ ڪرائي بعد ۾ ڪم ناهي ڪرائي رهيو. هنن چيو ته اسان جي ساڳئي ڳوٺ ۾ 2 ڪلو ميٽر اڳيان ٻئي جڳهه تان پڻ هڪ ئي وقت روڊ ٺهي رهيو آهي. جيڪو سڌو اسان جي ڳوٺ ۾ اچي رهيو آهي. ان روڊ ٺهڻ سان اسان جي ڳوٺ کي ڪابه سهولت نه ملندي.

هنن روڊس کاتي جي صوبائي وزير، ڪمشنر حيدرآباد، ايڪس اي اين روڊس، اينٽي ڪرپشن، نيب ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان جي پاڙي جي هڪ فرلانگ روڊ ۾ مبينا ڪرپشن خلاف جاچ ڪري ٺيڪيدر خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ٻئي جڳهه تان ٺهندڙ روڊ جي پڻ جاچ ڪرائي وڃي. جڏهن ته رابطو ڪرڻ تي صابر شاهه ٻڌايو ته آئون ٺيڪيدار ناهيان، آئون ٺيڪيدار خليل زمان شيخ جا ٺيڪا سنڀاليندو آهيان.

هن ڳوٺ جو صرف 25 فرلانگ روڊ منظور ٿيل آهي، جنهن جو ڪم هلي پيو، وڌيڪ روڊ ٺهرائڻ لاءِ ڳوٺاڻا چونڊيل نمائندن سان ملن.01