خضدار ۾ زلزلي جا لوڏا، ماڻهو ڊپ وچان گهرن کان ٻاهر نڪري آيا

news

 ڪوئيٽا: ڇنڇر 22 ڊسمبر 2018ع:  بلوچستان جي ضلعي خضدار جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.

رپورٽن مطابق بلوچستان جي ضلعي خضدار جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن، جنهنڪري ماڻهو ڊپ وچان ڪلمي طيب جو ورد ڪندي گهرن ۽ آفيسن مان ٻاهر نڪري آيا.

ري ايڪٽر اسڪيل مطابق زلزلي جي شدت 4 رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سندس مرڪز خضدار کان 90 ڪلو ميٽر ڀري اولهه وارو علائقو هو.