ڪچي تيل جي اگهه ۾ لاٿ پيداوار ۾ واڌ سبب آهي، صورتحال تي جلد ضابطو آندو ويندو: اوپيڪ

news

 ڪويت سٽي: سومر 24 ڊسمبر 2018ع: تيل جو روانگي واپار ڪندڙ ملڪن جي تنظيم (اوپيڪ) چيو آهي ته ڪچي تيل جي اگهه ۾ تازي لاٿ پيداوار ۾ اضافي سبب آهي پر ان صورتحال تي جلد ضابطو آندو ويندو.

اوپيڪ جي صدر ۽ گڏيل عرب امارات جي توانائي واري وزير المز روعي ميمبر ملڪن جي وزارتي اجلاس جي موقعي تي چيو ته ڪچي تيل جي عالمي پيداوار ۾ تازو اضافو 2017ع جي ڀيٽ ۾ ڪافي گهٽ آهي جنهن تي ايندڙ هڪ ٻن مهينن ۾ ضابطو آندو ويندو. هن چيو ته هن وقت ڪچي تيل جي عالمي پيداوار رڳو 26 ملين بيرل آهي جڏهن ته 2017ع ۾ فاضل پيداوار جو ڳاڻيٽو  340 ملين بيرل هو.

سندس چوڻ هو ته ڪچي تيل جي پيداوار وڌڻ سبب آڪٽوبر کان هيل تائين ڪچي تيل جا اگهه 36 سيڪڙو گهٽجي 54 ڊالر (47 يورو) في بيرل جي سطح  تي اچي چڪا آهن. 2019ع جي شروعاتي مهينن ۾ تيل جي پيداوار تي ضابطو آڻي تيل جي اگهه ۾ بهتري آندي ويندي.