جيڪڏهن سچا آهيو ته گرم چمچو چٽي ڏيکاريو: عجيب مصري رسم

news

قاهرا: سومر 24 ڊسمبر 2018ع: اتر اوڀر مصر ۾ صديون پر هزارين سالن کان هڪ رسم جاري آهي جنهن ۾ جوابدار کي گرم چمچو چٽي پنهنجي بي گناهي ثابت ڪرڻي پوندي آهي، اها عين اهڙي طرح جي رسم آهي جيڪا بلوچستان ۾ به لاڳو آهي جتي ماڻهن کي بيگناهي ثابت ڪرڻ لاءِ ٻرندڙ ڪوئلن تي هلڻو پوندو آهي.

مصر جي بدو قبيلي ۾ لاڳو ان رسم کي بشاه يا الشعبا چيو ويندوآهي، ڪنهن ڏوهه جي جوابدار کي هڪ امتحان مان گذرڻو پوندو آهي، ان لاءِ قبائلي جرڳو لوهار جي بٺي ۾ باهه ڏئي ڪنهن چمچي يا ڪفگير کي ايترو گرم ڪندو آهي جو اهو ڳاڙهو ٿي ويندو آهي.

جوابدار کي بي گناهي ثابت ڪرن لاءِ ان کي زبان سان ڇهڻو هوندو ۽ جيڪڏهن هو بي گناهه هجي ته ان جي زبان نه سڙندي جڏهن ته رسم موجب ڏوهي جي زبان تي ڦلڪڻو ٿي پوندو آهي.

چيو ويندو آهي  ته اها رسم قديم عراق کان جاري آهي جڏهن ان جو نالو ميسوپوٽيميا هو، جڏهن ته اهو هڪ زماني ۾ سعودي عرب ۽ اردن ۾ به جاري هئي جنهن کي هاڻ ترڪ ڪيو ويو آهي، مصر ۾ ان کي شڪي ماڻهن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي جتي اکين ڏٺا شاهد موجود ناهن هوندا.