ٻن وڏن خلاف ٻه وڏا فيصلا ۽ سندن مستقبل .......!

news

 اڱارو 25 ڊسمبر 2018ع: حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ جيڪا ويڙهه ھلي رھي آھي ان ۾ ھن وقت حڪومت جو ڏنڊو ڪم ڪري رھيو آھي، حڪمران طبقو ھر حال ۾ نواز شريف کي جيل ۾ ٻيھر ڏسڻ واري خواھش ظاھر ڪري رھيو ھو، جڏھن ته زرداري جي جيل وڃڻ لاءِ رستو صاف ڪيو ويو  آھي.

وزيراعظم عمران خان جي خواھش آھي ته چونڊ پنجاھ مخالف جيل ۾ ھجن سو ان تي عمل ڄڻ شروع ٿي ويو آهي. 24 ڊسمبر 2018ع وارو ڏينھن ان حوالي سان به اھم رھيو جوھن ڏينھن تي ٻه وڏا فيصلا ٻن وڏن خلاف اچي رھيا ھئا. نوازشريف خلاف فليگ شپ ۽ العزيزيا ريفرنس ڪيس ۽ زرداري خلاف جعلي اڪائونٽس ڪيس جا عدالتي فيصلا آھن.

عدالتي فيصلي موجب فليگ شپ ڪيس ۾ نواز شريف کي باعزت بري ڪيو ويو پر العزيزيا ۾ وري کيس 7 سال سزا ساڍا ٽي ارب رپيا ڏنڊ 10 سالن لاءِ ڪنھن به حڪومتي عھدي لاءِ نااھل قرار ڏنا ويا، جڏھن ته سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بينچ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف زرداري، ملڪ رياض ۽ انور مجيد کي ذميوار قرار ڏنو ويو، سندن ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، آصف زرداري جا گرفتاري وارنٽ به جاري ڪيا ويا آهن. خير فيصلو ائين ئي اچڻو ھو، جنھن لاءِ مخالف ڌر وارا اڳ ئي تياري ڪري ويٺا ھئا.

نواز شريف کي عدالت مان گرفتار ڪيو ويو، ھاڻي ڏسجي ته زرداري کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو يا وري زرداري گرفتاري کان اڳ واري ضمانت حاصل ڪري وٺي ٿو يا نه. اھڙين گرفتارين کانپوءِ ملڪي سياست ڪھڙو رخ اختيار ڪري ٿي؟ ظاھر آھي مخالف ڌر وارا حڪومت مخالف سرگرميون تيز ڪندا ۽ حڪومت لاءِ رڪاوٽون ۽ پريشانيون پيدا ڪندا؟ ٿي سگھي ٿو  حڪومت وقتي طور مخالفن جي سرگرمين کي خاموش به ڪري ڇڏڻ ۾ ڪامياب به وڃي پر مستقل طور دٻائڻ مشڪل ٿي پوندو، ڏينهون ڏينهن مخالف ڌر مضبوط ٿيندي ويندي، نتيجي ۾ ملڪ  بحران جي ور چڙھندؤ ويندو ۽ اھڙو بحران جيڪو ملڪن جا بنياد لوڏي ڇڏيندا آهن. ھن کان اڳ به ملڪ جا بنياد خطرناڪ حد تائين لوڏيا ويا آهن ھڪ ڀٽو صاحب جي عدالتي قتل وقت ٻيو بينظير ڀٽو جي شھادت وقت ...!

ھن وقت ھي ڪمزور بنياد سٽ سھڻ جي قابل نه رھيو آھي، خير ھنن کي ڪمزور ڪرڻ وارا به پاڻ  ئي آھن جيڪي ملڪ کي بچائڻ ۽ ھلائڻ چاھين ٿا. پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ انٽري ملڪ لاءِ ڪنھن به حوالي سان سٺو سنؤڻ ثابت نه ٿيو آهي اصل ۾ ڏسجي ته ھي سموري راند اھو امپائر پيو کيڏي جيڪو پي ٽي آءِ کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ آڱر مٿي ڪئي ھئي، پردي پٺيان جائزو به وٺي رھيو آھي، حڪومت ۾ به اڪثريت سندس باقيات موجود آھي، ھي راند تڪڙي رڪڻي ناھي ڪيترائي ٻيا راند جا ميدان کلندا ۽ ضروري ناھي ته ھر ملھ حڪومت ماري... مخالف کي به وارو ملندو، جڏھن مخالف ملھ ماري ورتي ته حڪمران لڪندي نظر ايندا جيئن مشرف طاقتور ھوندي به اقتدار کان ٻاھر ٿي ويو ۽ ھاڻي پرڏيھ ۾ لڪيل آهي، خير اھو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جا مامرا آهن پر سندن ويڙھاند ۾ عوام جو نقصان ٿي رهيو آھي. احتساب جي عمل مان ڪير به انڪاري ناھي پر طريقيڪار مان بيزار آھي.

عدالتون جيڪو به ڪم ڪن ان ۾ حڪومت جي مداخلت نه ھجڻ گھرجي نه حڪومتي وزيرن کي ان تي ڳالهائڻ جو حق ڏنو وڃي، ڪيسن بابت عدالتي ترجمان ئي ڳالھائي پر اسان وٽ حڪومتي ترجمان عدالتي ترجمان بڻجي وڃي ٿو، جنھن سان عدالتي عمل اڻ ڌريو نه ٿو رھي، جيئن ھن وقت مڪمل طور تي احتساب جو عمل حڪومت جي خواھش مطابق نظر اچي رھيو آھي، جيڪڏھن ائين ناھي ته پوءِ حڪومتي وزير ۽ وزيراعظم جي ڀيڻ لاءِ الڳ قانون ڇو آھي ....؟ خير نواز شريف ٻيھر جيل حوالي ٿي چڪو آهي، ان کان اڳ شھباز شريف جيل ۾ آھي، سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ کي قيد ڪيو ويو آھي، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري لاءِ جيل جو رستو صاف ڪيو ويو آهي، باقي ڪھڙا نالا آھن جيڪي سامھون ايندا ۽ وزير اعظم پاڪستان عمران خان جي پنجاھ واري لسٽ مڪمل ٿيندي؟ اھا وزيراعظم کي خبر يا سندس ترجمان فواد چوڌري کي خبر... عوام ته مھانگائي، بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ  ۾ پيو گذاريندو، ان جي خبر شايد حڪمرانن کي ھجي.

ھن وڏن فيصلن کانپوءِ مخالف ڌر جي ٻن وڏين پارٽين جي مستقبل بابت سوال ڪيا پيا وڃن، حڪمران طبقو چوي ٿو ته سندن سياست جو باب بند ٿيڻ وارو آھي، زرداري ۽ نواز شريف پنھنجون آخري چونڊون وڙھي چڪا ھاڻي ھو چونڊ واري عمل کان به ٻاھر ٿي ويندا پر پ پ ۽ ن ليگ وارا چون ٿا ته جنرل ضياءَ، جنرل پرويز مشرف جھڙن آمرن به سندن سياسي رستا روڪ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي جيڪي پاڻ ماضي جو حصو بڻيل آھن،  سو به ملڪي تاريخ جي ڪاري دور سان سڃاتا وڃن ٿا، آصف زرداري مٿان اڳ به جڙتو ڪيس ٺاهيا ويا ۽ کيس 11 سال جيل ۾ رکيو ويو ۽ اذيتون ڏنيون ويون، ساڳين عدالتن کيس باعزت بري ڪري ڇڏيو. ھن وقت به ماضي جا حربا استعمال ڪيا پيا وڃن جنھن ۾ حڪومت ناڪام ويندي.

ڏسجي ته واقعي ئي اھڙن عملن سان ڪو ڪنھن کي ختم ڪري نٿو سگھجي؟ مخالف ڌر لاءِ جيڪا بٺي تيار ڪئي وئي آھي اھا کين ساڙي ختم نه پر اڃا پچائي پختو ڪندي ۽ مستقبل لاءِ سندن لاءِ مددگار ثابت ٿيندي؟ جڏھن ته پي ٽي آءِ حڪومت لاءِ مشڪلاتن جو ڪارڻ بڻجي سامھون ايندي.