سياري جي موسم ۾ گئس جو بحران

news

 اڱارو 25 ڊسمبر 2018ع: ملڪ ۾ بجلي جو بحران ته پرويز مشرف جي دور کان هلي رهيو آهي، جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي، نواز ليگ جي اڳوڻي حڪومت ۾ اها دعويٰ ڪئي وئي هئي ته بجلي جي بحران تي ضابطو آندو ويو آهي پر جڏهن کان تحريڪ انصاف جي حڪومت قائم ٿي آهي، ان ڏينهن کان بجلي جو بحران ٻيهر وڌي ويو آهي، جنهن سبب ڪاروبار تباهه ٿيندو پيو وڃي، ايتري قدر جو ڪيترن ئي علائقن ۾ ته بجلي اچڻ جو نالو ئي نه وٺندي آهي.

بهرحال سنڌ جي عوام بجلي جي لوڊشيڊنگ جي ته عادي ٿي چڪي آهي پر جڏهن کان سياري جي موسم آئي آهي، ان ڏينهن کان گيس جو بحران پيدا ٿي ويو آهي، سي اين جي اسٽيشنز ته بند آهن پر ان سان گڏ گهريلو صارفين کي گيس پريشر گهٽ هئڻ واري مسئلي کي منهن ڏيڻ پئجي ويو آهي.  جيڪا به پارٽي اقتدار ۾ ايندي آهي ته اها رڳو اها دعويٰ ڪندي آهي ته هنن بحران تي ضابطو آڻي ڇڏيو آهي، پر ملڪ جي ڪنهن به شهر ۽ ڳوٺ ۾ بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ جي وقت م گهٽتائي نه اچي سگهي آهي، هڪ طرف سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گيس نڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف وري ٿر مان به دنيا جو قيمتي ڪوئلو هٿ آيو آهي پر باوجود ملڪ ۾ نه ته بجلي جو بحران ختم ٿي رهيو آهي ۽ نه ئي وري گيس جو مسئلو ختم ٿي رهيو آهي. پيپلز پارٽي گيس جي بحران کي نظر ۾ رکندي وفاق توڙي سنڌ ۾ احتجاج ڪري رهي آهي ته سنڌ مان  نڪرندڙ گيس مان سنڌ کي حصو نه پيو ڏنو وڃي، پيپلز پارٽي وفاق تي اهو به الزام لڳايو آهي ته سنڌ جي گئس ڪنهن ٻئي صوبي کي ڏني پئي وڃي، جيڪڏهن  ڏٺو وڃي ته اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي، سنڌ  جي شيءَ جو حصو ڪنهن ٻئي صوبو کي ئي ڏنو ويندو آهي.

پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان سنڌ جي گيس جي بحران تي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ گيس بحران  تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ  جي حصي جي گئس ڪنهن ٻئي صوبي کي ڏيڻ ناانصافي آهي، گمبٽ گيس فيلڊ ۾ چيو ويو ته اتان گيس بند آهي پر اتان به گيس نڪري رهي آهي. شيري رحمان چيو ته جنهن صوبي مان گيس نڪرندي آهي، ان تي سڀ کان پهرين اتان جي صوبي جي ماڻهن جو حق هوندو آهي پر اهو حق کين نه پيو ڏنو وڃي.  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ته ايران سان گيس معاهدو به ڪيو هو پر ان تي به هن وقت ڪم ٿيندي نظر نه پيو اچي ۽ نه ئي ان منصوبي بابت هن وقت تائين ڪا وضاحت پيش ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن ملڪ مان گيس نه پيو نڪري ته پوءِ آخر اهو مسئلو ڪيئن حل ٿيندو؟ ان جو حل ته حڪومت کي ڳولهڻ آهي، جيڪڏهن هن ملڪ ۾ گيس جي پيداوار گهٽ آهي ته اها ٻين ملڪن کان به خريد ڪري پوري ڪري سگهجي ٿي، پر حڪومت نه ته مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کڻي رهي آهي ۽ نه ئي وري  عوام کي اهو ٻڌايو پيو وڃي ته آخر گيس جو مسئلو ڪڏهن حل ٿيندو؟

جيڪڏهن وفاقي سرڪار گيس ۽ بجلي جي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو قدم کڻي ها ته اڄ سنڌ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ٿئي ها ۽ نه ماڻهو روڊن تي نظر اچن ها، روزاني سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن شهر مان احتجاج جون خبرون رپورٽ ٿينديون رهنديون آهن ته سندن شهرن ۾ بجلي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بند رهي ٿي پر سندن دانهن ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. بهرحال ڪراچي جهڙي انٽرنيشنل شهر ۾ بجلي جو بحران به حڪومت لاءِ هڪ وڏو سواليا نشان آهي ۽ حڪومت جي پت ان مان ئي وائکي ٿي وڃي ته ڪراچي ۾ ڪيترن ڪلاڪن لاءِ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته حڪومت ڪراچي جهڙي شهر ۾ لوڊشيڊنگ تي ضابطو نه آڻي سگهي آهي ته پوءِ آخر ٻين ٻهراڙين وارن علائقن جو ڪهڙو حشر هوندو، هي حڪومت جي ئي ذميواري آهي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ تي جلد کان جلد ضابطو آڻي ماڻهن کي پريشاني کان بچائي سگهي.

سنڌ جو ڪو اهڙو شهر بچيو ئي نه آهي، جتي لوڊشيڊنگ نه ٿيندي هجي، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ شهيد بينظيرآباد سميت ٻين شهرن ۾ لوڊشيڊنگ سبب عوام بيزار  آهي، ڄامشورو ۾ بجلي پيدا ڪرڻ وارا 3 پاور هائوسز موجود آهن پر ان ضلعي جا رهواسي به ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ کي منهن ڏين ٿا، ڪن علائقن ۾ ته مهينن کان سڙيل ٽرانسفارمر به تبديل نه ڪيا ويا آهن، موري ۾ ته بجلي هڪ ڪلاڪ اچي ٿي ته ٽي ڪلاڪ بند ڪئي وڃي ٿي پر سندن ڪو به دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، ڪجهه ماڻهو ته اهي به دانهون ڪري رهيا آهن ته هڪ ته حڪومت روزگار فراهم نه ڪري رهي آهي ته مٿان وري جيڪي ماڻهو پنهنجي ٻچن جي روزي ڪري رهيا آهن انهن کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي.

حڪومت کي گهرجي ته جلد کان جلد بجلي ۽ گيس جي بحران تي ضابطو آهي ۽ سنڌ جي انهن علائقن تائين به گيس فراهم ڪيو وڃي جتي اڄ ڏينهن تائين گيس جي سهولت فراهم نه ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن هن وقت به حڪومت بجلي جي بحران تي ضابطو نه آڻي سگهي ته پوءِ گرمي جي موسم ۾ ته ماڻهو عذاب ۾ مبتلا ٿي ويندا، تنهنڪري ضروري آهي ته وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت بجلي ۽ گيس جي بحرن کي ختم ڪرڻ لاءِ تڪڙا اپاءُ وٺي ته جيئن سنڌ جي  عوام کي سياري جي موسم ۾ بجلي ۽ گيس واري بحران کي منهن ڏيڻو نه پوي.