ملڪ ۾ سون جي في تولو قيمت ۾ هڪ هزار روپين جي واڌ

news

ڪراچي: اربع 26 ڊسمبر 2018ع: ملڪ ۾ سون جي في تولو قيمت ۾ هڪ هزار روپين جي واڌ ٿي آهي جنهن کانپوءِ في تولو قيمت 67 هزار تائين پهچي وئي.

سنڌ صرافه بازار ايسوسئيشن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ ڦڪي ڌات جي في ايونس قيمت 11 ڊالر وڌي 1272 ڊالر ٿي وئي آهي جنهن جو اثر سون جي مقامي قيمتن تي به ٿيو آهي.

سنڌ صرافه بازار ايسوسئيشن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ في تولو سون جي قدر هڪ هزار روپيا واڌ کانپوءِ 67 هزار روپيا ٿي وئي آهي.

10 گرام سون جي قدر 858 روپيا واڌ سان 57442 روپيا ٿي وئي آهي جڏهن ته چاندي جي في تولو قيمت 880 روپين تي برقرار رهي.