نيپرا پاران بجلي جي اگهه ۾ گهٽتائي جو اعلان

news

 اسلام آباد: خميس 27 ڊسمبر 2018ع: نيپرا بجلي جي اگهن ۾ 31 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيپرا بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي بجلي جي اگهه ۾ گهٽتائي جي درخواست ڪندي چيو ته نومبر ۾ بجلي جي ريفرنس پيداواري لاڳت 4 رپيا 71 پئسا في يونٽ رهي، واهپيدارن کي 5 رپيا في يونٽ بجلي ڏني وئي، جڏهن ته مقامي گئس مان 4 ڏهائي 20 سيڪڙو ۽ درآمدي ايل اين جي مان 23 ڏهائي 17 سيڪڙو بجلي پيداوار ڪئي وئي.

نيپرا درخواست منظور ڪندي بجلي جي اگهن ۾ 31 پئسا في يونٽ جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. گهٽتائي سان واهپيدارن کي 2 ارب رپين جو رليف ملندو، بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي نومبر جي ماهيوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي.