ملڪ ۾ گئس جو بحران، سائيٽ ڪراچي جي صنعتڪارن پاران فيڪٽريون بند ڪرڻ جو اعلان

news

 ڪراچي: ڇنڇر 29 ڊسمبر 2018ع: سڄي ملڪ جيان ڪراچي ۾ به گئس جي بحران ۾ شدت اچي وئي آهي، جنهنڪري  سائيٽ ايريا جي صنعتڪارن پاران فيڪٽريون بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

چيئرمين سائيٽ ايسوسيئيشن سليم پاريک چيو ته آچر 30 ڊسمبر کان سائيٽ ايريا ۾ صنعتون بند ڪيون وينديون.

سليم پاريک مطابق سئي سدرن گئس ڪمپني ۾ بدانتظامي جي ڪري وڏو نقصان ٿي رهيو آهي. هن پهرين جنوري تي گورنر هائوس ٻاهريان احتجاج جو به اعلان ڪيو آهي.