ڀولڙي کي جنسي طور هيسائڻ تي عورت کي ٽي سال قيد جي سزا

news

 قاهره: ڇنڇر 29 ڊسمبر 2018ع: مصري عدالت هڪ 25 ورهين جي عورت کي ڀولڙي کي جنسي طور هيسائڻ واري ڪيس ۾ 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي.

رپورٽن مطابق مصر جي منصوره شهر جي عدالت بسما احمد نالي عورت کي ڀولڙي کي جنسي طور حراسان ڪرڻ وارو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي. مصري ميڊيا مطابق ڄاڻايل عورت کي هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ ان وقت گرفتار ڪيو ويو، جڏهن اهڙي واقعي جي 90 سيڪنڊ واري وڊيو وائرل ٿي هئي.

وڊيو ۾ بسما احمد کي نيل ڊيلٽا سٽر ۾ هڪ پالتو جانورن جي دڪان تي ڀولڙي جي مختلف حصن کي ڇهڻ ۽ کلندي ڏٺو ويو ۽ ان دوران هوءَ ڪريل حرڪتون ڪندي رهي، جنهن تي ڀرپاسي جا ماڻهو به کلي رهيا هئا.

عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران عورت ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو ته سندس مقصد ڪريل حرڪت ڪرڻ نه پر ڀولڙي کي ڪتڪتايون ڪرڻ هو.