پنجاب ۾ ٻن مختلف حادثن دوران پنج ڄڻا فوت

news

راجن پور: آچر 30 ڊسمبر 2018ع: پنجاب ۾ ٻن مختلف حادثن ۾ پنج ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ريسڪيو ذريعن موجب دنياپور ۾ خانيوال لوڌران ايڪسپريس روڊ تي جواد ڪاٽن فيڪٽري ويجهو ڪوهيڙي سبب ٻن ٽرڪن وچ ۾ ٽڪر سبب ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

ريسڪيو ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته ٽي ڄڻا اڃان به ٽرڪ ۾ ڦاٿل آهن. ٻئي حادثي ۾ راجن پور ۾ ڪار ۽ وين وچ ۾ ٽڪر ۾ هڪ ٻارڙي سميت ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

حادثي ۾ 5 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن، جن کي ڊسٽرڪٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.