روجهاڻ ۾ ڪار ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر، هڪ ئي خاندان جا اٺ ڄڻا فوت

news

ڪوئيٽا: آچر 30 ڊسمبر 2018ع: روجهاڻ ۾ انڊس هاءِ وي تي ڪار ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا، فوت ٿيندڙن ۾ 4 عورتون، 3 ٻار ۽ هڪ مرد شامل آهي.

ٿوري غفلت سبب قيمتون حياتيون ضايع ۽ پوءِ پوري زندگي سور، روجهاڻ انڊس هاءِ وي تي شاهه ولي جي ويجهو ٽرڪ ۽ ڪار جي خوفناڪ ٽڪر ۾ ڪار سوار هڪ ئي خاندان جا 8 ڄڻا فوت ٿي ويا، فوت ٿيندڙن ۾ 4 عورتون، 3 ٻارڙا ۽ هڪ مرد شامل آهي، حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو.

ريسيڪو ٽيمون ۽ پوليس واقعي واري جاءِ تي پهريون جڏهن ته اسپتال منتقل ڪرڻ جي ڪوشش کان اڳ سمورا زخمي فوت ٿي ويا، پوليس ڏکوئيندڙ واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.