شهدادپور ۾ انتظامي نااهلي، منافعي خورن سگريٽ، تيل، گيهه ۽ ٻين عام واهپي وارين شين جا اگهه ٻيڻا ڪري ڇڏيا

news

شھدادپور: سومر 31 ڊسمبر 2018ع: شھدادپور ۾  انتظاميا جي نااھلي سبب منافعي خور دڪاندارن ۽ مختلف شين جي ايجنسين وارن  بليڪ مارڪيٽنگ جي بازار گرم ڪندي سگريٽ، کاڄرو تيل، گيھ  ۽ ٻين روز مرھ جي استعمال وارين کاڌي پيتي جي شين جا اگھ 20 کان 30 سيڪڙو وڌائي ڇڏيا آھن

شھدادپور شھر اندر  ڪئپسٽن، گولڊ ليف ۽ ٻين سگريٽن جي في پاڪيٽ تي  10 _10 روپيا واڌ ڪندي کاڄرو تيل ۽ گيھ جي اڍائي ڪلو واري دٻي تي 100 روپيا بليڪ مارڪيٽنگ ڪري اگھ اوچتو وڌائي ڇڏيا آھن.

ان سلسلي ۾ شھر جي ملدسي چوڪ، اسپتال چوڪ، ھالاچوڪ، جٽيا پاڙي ۽ ٻين علائقن جي  دڪاندارن ٻڌايو ته شھر اندر منافعي خور دڪاندارن ۽ مختلف ايجنسين وارن جي انتظاميا سان ڳٺ جوڙ ھجڻ سبب وڏن وڏن آفيسرن جون وڏيون وڏيون دعوتون ڪري شھر اندر بليڪ مارڪيٽنگ ۽ ھٿرادو مھانگائي ڪري عوام مان شاھي خرچ اوڳاڙيا پيا وڃن، سگريٽ ، کاڄرو تيل، گيھ ۽ ٻين روز مرھ جي کاڌي پيتي وارين  شين جا اوچتا 20 کان 30 سيڪڙو اگھ وڌائي غريبن مزدورن ۽ پورھيت عوام جي چيلھ چٻي ڪئي پئي وڃي، اسان دڪاندارن ۽ شھرين اھڙيون بليڪ مارڪيٽنگ ۽ مھانگائي جون شڪايتون انتظاميا کي به ڪيون آھن  پر انتظاميا منافعي خورن سان مليل ھجڻ ڪري ڪوبه تحرڪ نه پئي وٺي.

ھنن مطالبو ڪيو آھي ته اسان دڪاندارن ۽ ڪيبنن وارن بدران انتظاميا بليڪ مارڪيٽنگ ڪري ھٿرادو مھانگائي ڪندڙ منافعي خورن خلاف سخت ڪارروائي ڪري.