نئون سال، پراڻيون اميدون
ويب ڊيسڪ | 2 سال پھريان

هر سال جيان هن سال به هي سٽون انهيءَ اميد سان ڪاغذ تي آڻي رهيو آهيان ته ڪاش سال 2018ع جي آخري سج به جي پڄاڻيءَ سان گڏوگڏ انهيءَ ڪاري رات جي به پڄاڻي ثابت ٿئي، جنهن سال جو پل پل پوري سنڌ کي جهوريندو رهيو ۽ سال 2019ع جو اڀرندڙ اڄوڪو سج سنڌ جي انهيءَ اميد جي روشني ثابت ٿئي، جيڪا اميد سنڌ جو عوام صدين کان دل ۾ سانڍيون پيو اچي.
اڄ پوري دنيا سميت سنڌ ۾ به ديوارن تي لڳل پراڻا ڪلينڊر لاٿا ويندا پر پوري دنيا ۾ اهو ڪنهن جي به وس ۾ نه هوندو ته هر ڪلينڊر لاهيندڙ شخص پراڻي ڪلينڊر سان گڏوگڏ سال 2018ع جا ڏنل اهي درد به هٽائي سگهن، جيڪي درد هنن کي پراڻي سال ڏنا هئا پر ها هر شخص پنهجي دل ۾ انهيءَ اميد جا ڏيئا ٻاري سگهي ٿو ته ڪاش اڄ کان شروع ٿيندڙ نئون سال اسان جي سنڌ لاءِ انهن خوشين جو سامان ثابت ٿئي، جن خوشين جو سالن کان سنڌ جو ماڻهو رستو ڏسي ٿو ته ڪاش هن سال جا سڀ ڏينهن سنڌ جي انهيءَ اميدن جو سامان ثابت ٿئي جيڪا اميد سنڌ جي عوام جي سالن کان جوت بڻيل آهي، هر سال جيان هي سال به ڇا ڏيندو ڇا وٺندو؟ اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو پر گذريل سال سان سوين شڪايتون ڪندي اهو ضرور چئبو ته سال 2018ع به سنڌ لاءِ انساني حقن جي لتاڙ، ٿر ۾ ڏڪار، سنڌ ۾ تباهي، قتل غارت ۽ رياستي دهشتگردي، جنهن ۾ عوام کي نه امن مليو، نه تعليم، نه صحت ۽ نه پاڻي ملي سگهيو، انهيءَ سنڌ جي سال 2018ع جا 365 ڏينهن ڪيئن گذريا هوندا؟ جنهن سنڌ جي مقدر ۾ حڪومت نالي ڪرپشن جا دڪان آهن، جنهن سنڌ ۾ سرڪاري ادارن نالي عوام جي تباهيءَ جو سامان آهي، جنهن سنڌ ۾ قانون نالي قانون جو ڏڪار آهي، جنهن سنڌ ۾ انساني حقن جي تحفظ نالي انساني حقن جي اها لتاڙ آهي جنهن تي پوري دنيا حيران آهي، انهيءَ سنڌ جي عوام جي سال 2018ع جا 365 ڏينهن گذريا هوندا، جنهن سنڌ ۾ سال جا ٻاراهين ئي مهينا سنڌ جو ماڻهو انهيءَ خوف ۾ مرندو رهيو ته ڪٿي هنن کي رياستي ادارا کنڀي نه وڃن.
سنڌ جي عوام جي سال 2018ع جا سڀ ڏينهن ڪيئن گذريا هوندا؟ جنهن سنڌ ۾ پورو سال ئي رياستي ادارن پاران سنڌ جا ماڻهو گم ڪيا ويا ۽ انهن کي نه ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو نه انهن کي ظاهر ڪيو ويو، جنهن گم ٿيل ماڻهن مان ڪيترائي ماڻهو مري ويا، ڪن جا پويان وارث مري ويا، ڪن جا وارث احتجاج ڪري ڪري ٿڪجي پيا پر رياست ۽ قانون انهن کي انصاف ڏيڻ بدران انهن مٿان تشدد ڪندو رهيو، هي انساني حقن جو ڪهڙو تحفظ آهي؟ جنهن ملڪ ۾ انساني حقن جي عالمي تنظيم جي رپورٽ ٻڌائي ٿي ته پوري ملڪ مان سال 2018ع ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌ مان ماڻهو کنڀيا ويا، سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ ٿي. انساني حقن جي عالمي رپوٽ موجب سال 2018ع ۾ سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ جا پنج هزار کان مٿي واقعا رپورٽ ٿيا، جنهن ۾ 900 ماڻهن کي گم ڪيو ويو، جن مان نالي ماتر ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو. انساني حقن جي عالمي رپورٽ موجب سنڌ ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ جا 1113 واقعا پيش آيا، سنڌ ۾ عورتن کي قتل جا 677 واقعا پيش آيا، سنڌ ۾ عورتن جي لڄالٽ جا 323 واقعا پيش آيا، جنهن ۾ 111 عورتن کي جنسي وحشت کانپوءِ قتل ڪيو ويو.
رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پوري سنڌ ۾ ٻارڙن کي حراسان ڪرڻ جا 513 واقعا پيش آيا، جڏهن ته 322 ٻارڙن کي جنسي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته 67 ٻارڙن کي لڄالٽ کانپوءِ قتل به ڪيو ويو، هي سنڌ جي اها مختصر تصوير آهي جنهن مان آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته سنڌ جو 2018ع ڪيئن گذريو هوندو، جڏهن ته سنڌ ۾ 2018ع دوران مسنگ پرسن جي نالي ٿيل انساني حقن جي تذليل جو وري الڳ داستان آهي. سنڌ ۾ انساني َحقن جي لتاڙ جا انهيءَ کان وڌيڪ ڪهڙا مثال ڏجن جو مسنگ پرسن جي آزاديءَ لاءِ احتجاج ڪندڙ نياڻين سان به انساني حقن جي لتاڙ جي انتها ڪئي وئي، هي سنڌ آهي، انهن کي روڊن تي گهليو ويو، انهن مٿان واٽر ٽينڪن جو استعمال ٿيو. هاڻي اچو ته اسان ملڪ ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي اها داستان ٻڌون جنهن تي پوري دنيا حيران آهي. انساني حقن جي عالمي اداري پاران انساني حقن جي عالمي ڏينهن 10 ڊسمبر تي جاري ڪيل رپورٽ موجب پوري دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پاڪستان، بنگلاديش، چين، ڀارت، سوڊان ۽ مصر ۾ انساني حقن جي لتار ٿي. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پاڪستان اهو ملڪ آهي جتي انساني حقن جي بهتريءَ جي نالي تي به انساني حقن جي لتاڙ ٿئي ٿي.
رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته سال 2018ع ۾ پاڪستان ۾ 14 هزار کان مٿي انساني حقن جي لتاڙ جا واقعا سامهون آيا، جنهن واقعن تي ملڪ جي حڪمرانن ڪو به ڌيان نه ڏنو آهي، هر سال جيان واقعا وڌندا وڃن ٿا، پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙو ڪو به سال نه آيو آهي جنهن ۾ ڪنهن سال گذريل سال کان گهٽ واقعا پيش ٿيا هجن، جنهن ملڪ ۾ انساني حقن جي لتاڙ جو اهو حال هجي اتي ڇا انهيءَ ملڪ جي قانون ۽ رياست جي هلندڙ وهنوار مان اهو محسوس نٿو ڪري سگهجي ته اتي ڪيترو قانون هوندو؟ اتي ڪيتري رياست جي اک کليل هوندي؟ جنهن ملڪ جي رياست انساني حقن جي ٽٽل ڦٽل تصوير ڏسڻ ۾ ڪاڻي هجي، انهيءَ رياست مان عوام کي ڇا ملندو؟ جنهن رياست ۾ روز ماڻهو گم ٿين ۽ حڪمرانن جو وار به نه چري، جنهن رياست ۾ عوام مرندو رهي ۽ حڪمران مزي سان حڪومت ڪندا رهن، جنهن رياست ۾ عوام جانورن جهڙو پاڻي پيئي ۽ حڪمران منرل واٽر استعمال ڪن ته انهيءَ ملڪ جي حڪمرانن مان عوام ڪهڙي اميد رکي سگهي ٿو ته هو تاريخ جي سڀ کان وڌ ۾ وڌ ٿيندڙ انساني حقن جي لتاڙ کي ڪو ٻنجو ڏيندا؟
سال 2018ع عوام جي سامهون آهي، هن سال عوام سان ڇا ٿيو، عوام جو مهانگائيءَ سبب جيئڻ جنجال ٿي ويو، عوام جو بدامنيءَ سبب ٻاهر نڪرڻ مشڪل آهي، عوام جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي، ملڪ معاشي طور ڪنگال ٿي ويو آهي، ملڪن مٿان قرضن جو ٻوجهه ايترو ٿي ويو آهي جو حڪمران قرضن جي قسط لاهڻ لاءِ به قرض وٺن پيا، اهڙي صورت ۾ انهيءَ عوام جو ڇا ٿيندو جيڪو عوام مهانگائي، بدامني ۽ رياست جي انهيءَ دهشتگرديءَ جي گوليءَ جو کاڄ بڻجي ٿو جيڪا رياست جي گولي عوام کي ڪڏهن انساني حقن جي لتاڙ جي صورت ۾ لڳي ٿي ته ڪڏهن مسنگ پرسن جي صورت ۾ ته ڪڏهن عوام مهانگائيءَ جي صورت ۾، انهيءَ صورت ۾ عوام هڪ سال جي گذري وڃڻ جا سور ڳڻي ڳڻي پورا ڪري ٿو ته وري هڪ نئون سال شروع ٿئي ٿو، عوام وري جڏهن انهيءَ سال جا درد ڳڻي ٿو ته وري هڪ ٻيو سال اچي ٿو، سال جي اهڙي ڳڻپ وچ ۾ انساني ساهه کان آجو ٿي پوي ٿو پر انهن عذابن مان جان نٿو ڇڏائي سگهي جيڪي عذاب هر سال ۾ مقدر بڻجي ساٿ ڏين ٿا ۽ هر نئين سال ۾ اميد بڻجي جيئڻ جو سهارو ڏين ٿا ته ڪاش هي سال اسان لاءِ اهي سک ۽ شانتيون آڻي جيڪي اسان هر سال جي پهرين اڀرندڙ سج ۾ رکندا آهيون، ڪاش هي سال هن سنڌ لاءِ سک آهي جن سکن لاءِ سنڌ جو ماڻهو هر سال جي نئين سج سان دعائون گهرندو آهي.

نئون سال، پراڻيون اميدون
ويب ڊيسڪ | 2 سال پھريان
312