نوشهره ۾ نوَ ورهين جي مناهل کي زيادتي کانپوءِ قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار

news

 نوشهره: اڱارو پهرين جنوري 2019ع: خيبرپختونخواهه پوليس نوشهره ۾ زيادتي کانپوءِ 9 ورهين جي ٻارڙي مناهل کي زيادتي کانپوءِ قتل ڪندڙ مک جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ڊي آءِ جي مردان محمد علي گنڊاپور پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٻارڙي مناهل سان زيادتي ۽ سندس قتل واري ڪيس تي پوليس ڏينهن رات ڪم ڪيو ۽ ڪيس کي حل ڪرڻ لاءِ 4 ٽيمون جوڙيون، جنهن کانپوءِ مک جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار جو نالو ياسر آهي ۽ هو مقتول ٻارڙي جي پيءَ جو ويجهو دوست آهي، ٻارڙي ياسر کي سڃاڻيندي هئي، انڪري ساڻس گڏ وئي.

هن ٻڌايو ته جوابدار منهال کي ڪپڙا وٺي ڏيڻ بهاني وٺي ويو ۽ هن ٻارڙي جي جنازي ۾ به شرڪت ڪئي هئي. ڊي آءِ جي مطابق مناهل جي سهيلي جوابدار بابت ٻڌايو، جنهن کانپوءِ موبائل فون رڪارڊ ۽ مقتول ٻارڙي جي سهيلي جي مدد سان جوابدار تائين پهتاسين. هن چيو ته ياسر جو نمبر 28 ڊسمبر کان بند هو، جوابدار جي نشاندهي تي قتل ڪرڻ وارو اوزار هٿ ڪيو ويو، جنهن تي رت جا داغ لڳل آهن، جوابدار خلاف دهشتگردي جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويندو.