ڪلوئي ۾ ڳوٺاڻن پاران سماجي تنظيم ليمپ خلاف احتجاجي مظاهرو

news

ڪلوئي: اربع 02 جنوري 2019ع:ڪلوئي ۾ سماجي تنظيم پاران من پسند ڳوٺن جي سروي ڪرڻ ۽ پنهنجا نوازي خلاف پريس ڪلب ڪلوئي اڳيان سماجي اڳواڻن احتجاج ڪيو، سماجي تنظيم جو انچارج ڪجھ پئسن خاطر ڪوڙي سروي ڪري ٿو، ملازم، سماجي تنظيم پنهنجا نوازي ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن کي رهايو آهي، من پسند ماڻهن جي سروي ڪئي وئي. سماجي اڳواڻ خبر موجب پريس ڪلب ڪلوئي اڳيان سماجي تنظيم ليمپ پاران من پسند ڳوٺن جي سروي ڪرڻ خلاف سياسي سماجي اڳواڻن احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندي سماجي اڳواڻن پرويز کوسو، اعظم لنڊ، عزيز هالو، رمضان لنڊ ۽ ٻين چيو ته سماجي تنظيم ليمپ ڪجھ من پسند ڳوٺن ۾ سروي ڪري اتي ثمر پمپ ڏنا آهن، جتي پهرين به ثمر پمپ لڳايا ويا آهن ۽ جتي ثمر پمپن جي ڪابه ضرورت ناهي.

هنن چيو سندس مد ۾ ايندڙ لکين رپيا هڙپ ڪيا پيا وڃن ۽ سماجي تنظيم ليمپ ڪلوئي جو انچارج صرف پنهنجي من پسند ماڻهن کي نوازي رهيو آهي ۽ ڪجھ پئسن عيوض مرضي موجب ڪم ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجا نوازي ڪري رهيو آهي، ڪيترائي ڳوٺ سروي کان رهجي ويا آهن.

هنن چيو ته اهڙن ڳوٺن کي ڏنا پيا وڃن جيڪي اڳ ئي خوشحال آهن. هنن چيو ثمر پمپن جي مد ۾ لکين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي. هنن چتاءِ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن سماجي تنظيم جي زيادتين جو نوٽيس نه ورتو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

ٻئي طرف سماجي تنظيم ليمپ ڪلوئي جي ڪجھ ملازمن نالا نه ٻڌائڻ جي شرط تي صحافين کي ٻڌايو ته واقعي سماجي تنظيم ليمپ ڪلوئي جو انچارج پنهنجن من پسند ڳوٺن کي نوازي رهيو آهي ۽ اسان کي شڪايتون ڪرڻ تي حراسان ڪري ٿو ۽ الٽو اسان خلاف ڪوڙيون ڪمپلينون ڪري ٿو. هن چيو ته اسان پاڻ استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور آهيون.01