ڊينمارڪ ۾ مسافر ۽ مال بردار ٽرين وچ ۾ ٽڪر، ڇهه ڄڻا فوت

news

ڪوپن هيگن: اربع 02 جنوري 2019ع: ڊينمارڪ ۾ مسافر ۽ مال بردار ٽرينن جي حادثي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 16 زخمي ٿي پيا.

خابرو اداري موجب حادثو ٻن جذيرن وچ ۾ پل تي پيش آيو جنهن سبب 6 ڄڻا فوت ۽ 16 زخمي ٿي پيا.

مقامي وقت موجب حادثو صبح سوير پيش آيو ۽ ان وقت ٽين ۾ 131 مسافر ۽ عملي جا 3 ماڻهو سوار هئا.

مقامي ميڊيا رپورٽن موجب حادثي وقت تمام تيز هوائون هلي رهيون هيون ۽ مال بردار گاڏي جي بوگي جي ڇت اڏامي مخالف طرف کان ايندڙ مسافر ريل گاڏي کي وڃي لڳي جنهن سبب حادثو پيش آيو.

زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته حڪومت طرفان ايمرجنسي سينٽر به قائم ڪيو ويو آهي.