ستهتر شينهن جي وچ ۾ گهيريل گهر ڪرائي لاءِ موجود

news

ڏکڻ آفريڪا: جمعو 04 جنوري 2019ع: ڇا اوهان اهڙي گهر ۾ سمهي سگهو ٿا جتي ڏينهن کان علاوه رات جو به شينهن جي گجگوڙ جو آواز ايندو هجي ۽ اوهان جو ۽ جهنگلي درندن وچ ۾ صرف هڪ کاردار تار هجي؟.

جيڪڏهن اوهان اها مهم جوئي چاهيون ٿا ته ڏکڻ آفريڪا جو شينهن گهر اوهان جي لاءِ ئي آهي جتي آس پاس 77 شينهن ملن ٿا.

ٽن بيڊرومز تي ٻڌل اهو گهر ڪرائي تي موجود آهي ۽ هڪ رات جو ڪرايو صرف 100 ڊالر آهي جيڪو هيري سمٿ جي جهنگلي جيوت جي تحفظ گاهه ۾ واقع آهي پر ٽي وي ۽ ايئرڪنڊيشنز جي سهولت موجود ناهي ۽ ان جي رقم شينهن جي تحفظ تي خرچ ڪئي ويندي آهي.

اهو گهر جي جي ڪنزورويشن ڪمپني تيار ڪيو آهي جتي اوهان جي حياتي خطري ۾ وجهڻ بنا جهنگ ۾ شينهن کي ڏسي سگهو ٿا.

انسان ۽ حيوان هڪ ٻئي جي ڪمن ۾ مداخلت ناهن ڪندا پر هڪ ٻئي جو احساس ضرور ڪري سگهن ٿا. سڀ کان وڌيڪ جهنگ جي بادشاهه جون عادتون ۽ رويو ڏسي سگهجي ٿو ۽ فطري ماحول ۾ ان عظيم جانور جا طور طريقا نوٽ ڪري سگهجن ٿا.