ڪيپ ٽائون ٽيسٽ جو ٻيون ڏينهن ختم، ڏکڻ آفريڪا ڇهن وڪيٽن تي ٽي سئو ٻياسي رنسون ٺاهي ورتيون

news

ڪيپ ٽائون: جمعو 04 جنوري 2019ع: ڪيپ ٽائون ٽيسٽ ۾ ٻئين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تي ڏکڻ آفريڪا پنهنجي پهرئين اننگز ۾ 6 وڪيٽن تي 382 رنسون ٺاهي ورتيون ۽ ان کي پاڪستنا خلاف پهرئين اننگز ۾ 205 رنسن جي برتري حاصل ٿي وئي آهي.

ميزبان ٽيم اڄ پنهنجي اڻپوري اننگز 123 رنسون 2 رانديگر آئوٽ کان اڳتي وڌائي ته 26 رنسن جي واڌ سان هاشم آملا ۽ بريون پويلين واپس هليا ويا، ٻن وڪيٽن جي جلد ڪرڻ کانپوءِ ڪپتان ڊوپليسي ۽ باووما 156 رنسن جي اهم حصيداري قائم ڪري وڏي اسڪور جي بنياد رکي، باووما 75 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿيو.

پروٽيز ڪپتان شاندار بيٽنگ ڪندي سينچري ٺاهي ۽ ڊي ڪوڪ سان گڏجي 51 رنسن جي پاٽنرشپ جوڙي، ڊوپليسي 103 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿيو، کيس به شاهين آفريدي آئوٽ ڪيو. اڄ جڏهن راند ختم ٿي ته ڊي ڪوڪ 55 ۽ فلينڊر 6 رنسون ٺاهي ورتيون هيون، پوري ڏينهن جي راند ۾ قومي بالر صرف 4 وڪيٽون حاصل ڪري سگهيا.