سرفراز احمد پاران ٽيسٽ ٽيم جي قيادت ڇڏڻ جو فيصلو

news

ڪيپ ٽائون: سومر 07 جنوري 2019ع: ڏکڻ آفريڪا خلاف تيسٽ سيريز ۾ لڳاتار شڪست تي قومي ڪپتان سرفراز احمد ڪپتاني ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

تفصيل موجب قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ٽيسٽ ٽيم جي لڳاتار ناڪامي سان ڏکائجي ڪپتاني ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

ذريعن موجب سرفراز ڪپتاني ڇڏڻ جو اعلان اڄ ڪندو، ٽيم مينيجمينٽ ايندڙ ڪپتان لاءِ غور شروع ڪري ڇڏيو جنهن ۾ اسد شفيق ۽ شان مسعود جي نالن تي غور ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته شان مسعود قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت لاءِ مضبوط اميدوار آهي.