بلوچستان حڪومت پاران ضمني بجيٽ پيش ڪرڻ جو فيصلو

news

ڪوئيٽا: اڱارو 08 جنوري 2019ع: بلوچستان حڪومت ضمني بجيٽ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

ذريعن موجب بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال اتحادي پارٽين سان صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا جڏهن ته ضمني بجيٽ تي هو اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺندا.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب بجيٽ صرف ترقياتي سيڪٽر ۾ پيش ڪئي ويندي جڏهن ته پي ايس ڊي پي مان ڪجهه اسڪيمون ڪڍي نيون اسڪيمون شامل ڪيون وينديون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ضمني بجيٽ جلد ئي صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي ۽ ڪابينا ۾ منظوري کانپوءِ ان کي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو.