پي سي بي سرفراز احمد پاران قيادت ڇڏڻ جون خبرون رد ڪري ڇڏيون

news

لاهور: اڱارو 08 جنوري 2019ع: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سرفراز احمد پاران قيادت تان هٿ کڻڻ جون خبرون رد ڪري ڇڏيون.

پي سي بي ترجمان موجب سرفراز احمد لڳاتار ٻئين ٽيسٽ سيريز هارائڻ ۽ ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي مان مايوس ضرور آهي پر قيادت ڇڏڻ تي غور نه پيو ڪري.

پي سي بي سرفرازاحمد جي ٽئين ٽيسٽ نه کيڏڻ جي اطلاعن کي رد ڪندي بيان جاري ڪيو ته ڏکڻ آفريڪا ۾ ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست کانپوءِ سرفراز احمد جي استعيفيٰ جون افواهون ڦهلايون ويون ته ٽئين ٽيسٽ ۾ سرفراز جي جاءِ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان هوندو.

ڪيپ ٽائون ۾ موجود ٽيم انتظاميه موجب اهڙي صورتحال ۾ قيادت تبدلي ڪرڻ جي ڪابه تجويز غور هيٺ ناهي ڪجهه گروهه ان حوالي سان خواهشن کي خبر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري  رهيا آهن.