سنڌ جي هڪ گيت جي سنڌ کان موڪلاڻي ٿي

news

حيدرآباد: اڱارو 08 جنوري 2019ع: سانڀر ٿي ته سياست جو روڳ عشق جي روڳ کان به اڳ ئي اچي اندر ۾ جاءِ جوڙي ويهي رهيو هو، 1988ع جي ڳالھ آهي جڏهن مان مئٽرڪ جو شاگرد هئس تڏهن جيئي سنڌ جو جنون دماغ تي سوار هيو، جنون به اهڙو جو هرو ڀرو به اها پڪ هوندي هئي ته سنڌ اندر انقلاب جي جڏهن شروعات ٿي ته پهرين وک آئون کڻندس.

اهو دور ضياءَ شاهي جي پڄاڻيءَ جو دور هيو، محترمه شهيد بينظير ڀٽو ملڪ ۾ پنهنجا پير پختا ڪري چڪي هئي، چونڊون ٿيون، پي پي جي حڪومت ٺهي، ٻئي طرف شهرن اندر سنڌي مهاجر وڇوٽيون پڻ ڪر کڻي رهيون هيون. قوم پرست تنظيمون به پنهنجو ڀرپور وارو وڄائي رهيون هيون، مطلب چوڏس ملڪ اندر سياسي سمنڊ بيچين هو، اٿل پٿل هئي.

مون اندر بيدار ٿيل سياسي شعور انهن ڪتابن جي طفيل هيو جيڪي مون اٺين ڪلاس کان ئي پڙهڻ شروع ڪيا هئا، سائين جي ايم سيد، عبدالواحد آريسر، رسول بخش پليجو سميت هر ان ليکڪ جا ڪتاب شوق سان ٿي پڙهيا جيڪو قوم ۽ انقلاب جي ڳالھ ڪري رهيو هو.

ان دور ۾ مون کي خبر پئي ته هڪڙو آهي حفيظ پيرزادو جيڪو ملڪ جي آئين جي جوڙ جڪ ۾ انتهائي اهم حيثيت رکي ٿو پر ان سان گڏ ثمينا پيرزادو ۽ عثمان پيرزادو کان علاوه ٻيا به پيرزادا آهن جن موهن جي دڙي جي ڀر ۾ واقع هڪ ننڍڙي ڳوٺ ٻلهڙيجي کي “لٽل ماسڪو” بڻائي ڇڏيو آهي.

ظاهر آهي تاريخي ۽ انقلابي ڪتاب پڙهڻ سان روس جي انقلابي تاريخ کان به سٺي شناسائي هئي، ان ڪري لٽل ماسڪو بابت منهنجو تجسس وڌندو ويو ۽ جاچ ڪرڻ تي خبر پئي ته اتي جي هڪ ڪردار انور پيرزادي جا ئي اهي سڀ ڪم آهن جيڪو ننڍي کنڊ جي ڏاهي سوڀي گيانچنداڻي جو شاگرد آهي.

 ماسڪو، انقلاب، ٻلهڙيجي، ٻنڊي، سوڀوگيانچنداڻي، انور پيرزادو، سڀ ڪڙيون ملائڻ کان پوءِ ڳوٽ ڀڄي پئي ۽ پڪ ٿي ته پيرزادا شعوري طور تي ايترا سگهارا ڇو آهن. منهنجي دل ۾ پيرزادن سان اڻ ڏٺو انس پيدا ٿيو ۽ مان دل ئي دل ۾ پيرزادن جو تمام گهڻو احترام ڪرڻ لڳس، انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ ٻئي پيرزادي جي نانوَ پڻ اچي منهنجي سماعتن کي ڇهيو، جنهن جي گيتن جي گونجار سڄي سنڌ ۾ گونجي رهي هئي، ان نانوَ جي موهن جي دڙي جي مٽيءَ سان انسيت ته اها ئي ساڳي ٻين پيرزادن واري هئي پر هن جو آستانو چانهونءَ جي دڙي جي ڀر ۾ هيو، اهو هيو ميرمحمد پيرزادي صاحب جو نانءُ جنهن جي مٿي تي سنڌي گيت جو تاج ٻڌل هيو ۽ جيڪو مون لاءِ انهن ماڻهن منجهان هيو جن جي مان عزت ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندو آهيان.

مان ميرمحمد صاحب جي شاعريءَ سان جيتري محبت ڪيان ٿو اوتري ئي سندس شخصيت مون لاءِ احترام لائق هئي، پر وقت ۽ حالتن جو ستم اهو رهيو جو منهنجون زندگيءَ ۾ ساڻس رڳو ٻه ملاقاتون رهيون، سي به انتهائي مختصر، جيتوڻيڪ مون ساڻس روبرو ڪا ڊگهي ڪچهري نه ڪئي آهي پر سندس شاعريءَ سان منهنجون طويل ملاقاتون ۽ ڪچهريون رهيون آهن، ان ڪري مان اها دعويٰ ڪري سگهان ٿو ته مان مير محمد صاحب کي ايترو ئي ڄاڻان سڃاڻان ٿو جيترو ڪو سندن ويجهو ۽ روز ملڻ وارو ساٿي.