ڪوئيٽا ڀرسان نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ

news

 ڪوئيٽا: اربع 09 جنوري 2019ع: ڪوئيٽا جي علائقي سرياب روڊ تان هڪ نوجوان جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي.

پوليس مطابق اربع ڏينهن صبح جو ڪوئيٽا جي علائقي سرياب روڊ پوليس ٿاڻي جي حد ڪلي بڙُو مان هڪ شخص جو لاش مليو آهي، سڃاڻپ لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي ان جي سڃاڻپ 22 ورهين جي محمد عارف جي نالي سان ٿي آهي. مقتول جو موت مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب ٿيو. پوليس وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.