سوات جي مقامي هوٽل ۾ گئس ڀرجڻ ڪري نوجوان فوت

news

 سوات: خميس 10 جنوري 2019ع: سوات جي مقامي هوٽل ۾ گئس ڀرجڻ ڪري پنجاب واسي نوجوان فوت ٿي ويو آهي.

رپورٽن مطابق سوات جي علائقي بحرين جي مقامي هوٽل ۾ گئس ڀرجڻ ڪري گهمڻ لاءِ آيل نوجوان فوت ٿي ويو آهي. فوتي نوجوان شيخوپوره جو رهواسي هو، جيڪو دوستن سان گڏ سوات گهمڻ آيل هو. پوليس مطابق لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ مدين اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.