جهل مگسي ڀرسان وين ڪلٽي، نوجوان فوت، ارڙهن مسافر زخمي

news

 ڊيرا مراد جمالي: خميس 10 جنوري 2019ع: جهل مگسي جي تعلقي گنداواهه لڳ تيز رفتار مسافر وين ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ فوت ۽ 5 عورتن سميت 18 مسافر زخمي ٿي پيا آهن.

پوليس مطابق ضلعي جهل مگسي جي تعلقي گنداواهه لڳ درگاهه فتح پور وٽ جيڪب آباد کان گنداواهه ويندڙ تيز رفتار مسافر وين ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي هڪ مسافر صدام حسين لاشاري فوت ٿي ويو ۽ 18 مسافر زخمي ٿي پيا، جن جا نالا بلند خان، غلام حيدر، نوبت خان، آصف علي، وزير احمد، مير حسن، ظهور احمد، سعيد احمد، ناز گل، مائي مهلان، اميران، زبيده، تاج بيبي، محمد عباس ۽ ٻيا آهن.

اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو وارا واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي گنداواهه جي اسپتال پهچايو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي، 15 زخمين کي وڌيڪ علاج لاءِ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو.