سنڌ يونيورسٽي پاران بيچلر ڊگري پروگرام ۾ داخلا لاءِ ڪامياب اميدوارن جي چوٿين ميرٽ لسٽ جاري

news

 ڄامشورو: خميس 10 جنوري 2019ع: سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽر ايڊميشنز عبدالمجيد پنهور پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ مطابق سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ بيچلر ڊگري پروگرامز 2019ع ۾ داخلا لاءِ ڪامياب اميدوارن جي چوٿين جڏهن ته ايل ايل بي پروگرام ۾ داخلا لاءِ ڪامياب اميدوارن جي ٽئين ميرٽ لسٽ جاري ڪئي ويئي آهي.

ٻئي لسٽون سيد غلام مصطفيٰ شاهه ايڊمنسٽريشن بلڊنگ (اي سي ٽو) ٻاهران نوٽيس بورڊ تي لڳايون ويون آهن. اهي ساڳيون لسٽون سنڌ يونيورسٽي جي آفيشل ويب سائيٽ www.usindh.edu.pk تي پڻ موجود آهن. ٻنهي لسٽن تحت ڪامياب اميدوار پنهنجي داخلا في 11 جنوري 2019ع تائين جمع ڪرائي سگهن ٿا. اميدوار سنڌ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊميشن جي ڪائونٽرن تان چالان فارم حاصل ڪري مقرر ڪيل تاريخ تائين حبيب بئنڪ لميٽيڊ، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو برانچ ۾ مٿي ڄاڻايل شيڊول مطابق فيس جمع ڪرائي سگهن ٿا.

چالان حاصل ڪرڻ وقت اميدوار پنهنجا گهربل سمورا دستاويز پاڻ سان گڏ ضرور آڻين، دستاويز اڻپورا هئڻ جي صورت ۾ اميدوارن کي چالان فارم جاري نه ڪيو ويندو.