شهدادڪوٽ ڀرسان روڊ حادثو، ٽي ڄڻا فوت، ٻه زخمي

news

شهدادڪوٽ: جمعو 11 جنوري 2019ع: شهدادڪوٽ ويجهو  ٻن موٽرسائيڪلن  ۾ آمهون سامهون ٽڪر سبب   هڪ عورت سميت 3ڄڻا فوت ، هڪ ٻارڙي  ۽  عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن ،  لاڙڪاڻي_ شهدادڪوٽ روڊ تي درگاهه حاڪم شاه ويجهو باسط لاڙي وٽ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ تيز رفتاري سبب  آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾  هڪ عورت سميت 3ڄڻا فوت جڏهن ته هڪ ٻار ۽ عورت سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.

فوتين ۾ شهدادڪوٽ جي غريب آباد پاڙي جا رهواسي مسمات اختيارِ مگسي ، رياض مگسي ۽ قمبر  واسي مشتاق مستوئي شامل آهن  جڏهن ته زخمين ۾  3ورهين جو ڪامران مگسي ۽ هڪ عورت روزينه مگسي شامل آهن.

  واقعي کانپوءِ بهرام ٿاڻي جي پوليس لاش ۽  زخمين کي  کڻائي اسپتال آندو  جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا جڏهن ته زخمين جو علاج هلندڙ آهي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌايو وڃي ٿو جن کي پڻ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو يو وڃي ، هوڏانهن فوتين جي وارثن اسپتال اندر سهوليتن جي کوٽ سبب اسپتال اندر ڀڃ “ ڊاهه ڪري ڪرسيون ۽ اسٽيٿو اسڪوپ ۽  ٻيو سامان ڀڃي ڇڏيو ،  واقعي بعد اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالڪريم سنگراسي اسپتال پهچي اسپتال اندر  ڪيل ڀڃ ڊاهه سميت اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ ۽  ٻين سهوليتن جو نوٽيس ورتو، فوتي مشتاق مستوئي قمبر شهر جو رهواسي ۽ ٻيا فوتي ۽ زخمي شهدادڪوٽ جي غريب آباد پاڙي جا رهواسي ٻڌايا وڃن ٿا.