حافظ آباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، عورت وڪيل قتل

news

 حافظ آباد: جمعو 11 جنوري 2019ع: پنجاب صوبي جي شهر حافظ آباد ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سرڪاري عورت وڪيل قتل ٿي وئي آهي.

پوليس مطابق نائلا امجد کي ڪسوڪي روڊ تي هٿياربندن گوليون هڻي فرار ٿي ويا، مقتولا سول ڪورٽ ۾ پراسيڪيوٽر هئي. عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌان شاهديون گڏ ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.