پاڪستان کي وائيٽ واش شڪست کان بچڻ جو فڪر، اڄ کان ٽئين ٽيسٽ شروع

news

 جوهانسبرگ: جمعو 11 جنوري 2019ع: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي ڏکڻ آفريڪا هٿان مسلسل ٻئين وائيٽ واش جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، نيوزيلينڊ هٿان هوم ٽيسٽ سيريز ٻه هڪ کان هارائيندڙ پاڪستاني ٽيم کي گذريل پنجن مان چار ٽيسٽ مئچن ۾ شڪست ملي آهي.

ڏکڻ آفريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ اڄ پاڪستاني وقت مطابق منجهند 2 وڳي شروع ٿيندي.