آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ ون ڊي سيريز سڀاڻي کان شروع ٿيندي

news

 سڊني: جمعو 11 جنوري 2019ع: آسٽريليا ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي بين الاقوامي ميچن تي ٻڌل سيريز  جي پهرين ميچ سڀاڻي ڇنڇر واري ڏينهن سڊني ۾ کيڏي ويندي. ٽيسٽ سيريز  ۾ شڪست کان پوءِ عالمي چيمپيئن کي ون ڊي سيريز ۾ ان فارم ڪوهلي اليون جو چئلينج درپيش هوندو. ڪينگروز رانديگر ون ڊي سيريز کڻي ٽيسٽ سيريز ۾ بدلو وٺڻ لاءِ پرجوش آهن.

ٻئي پاسي ڀارتي ٽيم ٽيسٽ کان پوءِ ون ڊي سيريز کٽڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ان ڪري ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ دلچسپ مقابلي جي اميد ڪئي پئي وڃي. ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ون ڊي ميچ 15 جنوري ٽئين ۽ آخري ميچ 18 جنوري تي کيڏي ويندي.