چيني قونصل خاني تي حملي ۾ را ملوث آهي ۽ رٿابندي افغانستان ۾ ٿي: ڪراچي پوليس چيف

news

 ڪراچي: جمعو 11 جنوري 2019ع: ايڊيشنل آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر امير شيخ جو چوڻ آهي ته چيني قونصل خاني تي حملي ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را ملوث آهي ۽ ان جي رٿابندي افغانستان ۾ ٿي.

ڪراچي پوليس چيف ڊاڪٽر امير شيخ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته چيني قونصل خاني تي حملي ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را ملوث آهي، ڀارت اڃا به اسان خلاف متحرڪ آهي، ان جي رٿابندي افغانستان ۾ ٿي، حملي جو مقصد سي پيڪ منصوبي ۾ ڏار وجهڻ هو ۽ قونصل خاني تي حملي لاءِ هٿيار ٽرين مان آندو ويو.

ايڊيشنل آءِ جي سنڌ امير شيخ وڌيڪ چيو ته حملي آور قونصل خاني جي عملي کي يرغمال بڻائڻ چاهين پيا، جوابدار بلديا جي علائقي مان اچي رهندا هئا، چار مهينن دوران هنن ريهرسل ڪئي.

پوليس چيف مطابق حملي جي ماسٽر مائينڊ اسلم عرف اڇو جي موت جي اڃا تائين تصديق ناهي ٿي، حملي ۾ ملوث 5 سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدارن ۾ بي ايل اي جا ماڻهو شامل آهن، جڏهن ته بي ايل اي جي ڪمانڊ هن وقت بشير زيب وٽ آهي.