خيرپورناٿن شاهه ۾ شگر جي علاج لاءِ مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي

news

 خيرپور ناٿن شاهه: جمعو 11 جنوري 2019ع: خيرپور ناٿن شاهه ۾ شگر جي بيماري جي علاج لاءِ مفت ڪئمپ قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ شگر جي ماهر ڊاڪٽر ڪمليش سئراڻي 6 سئو کان وڌيڪ مريضن جي چڪاس ڪري مفت دوائون ڏنيون.

خيرپور ناٿن شاهه  تعلقي اسپتال ۾ شهر جي مشهور سماجي ورڪر بابو عبدالرحمان چانڊيو ۽ ڊاڪٽر عبدالرحيم ساريو پاران مفت شگر جي ڪئمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ معروف ڊاڪٽر ڪمليش سئراڻي شگر جي علاج لاءِ پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون، تعلقي اسپتال ۾ لڳايل ڪئمپ ۾ شهر توڙي ڀرپاسي جي ڳوٺن جي جي سوين مردن توڙي عورتن ڪئمپ تي پهچي چڪاس ڪرائي، جنهن ۾ 6 سئو کان وڌيڪ مريضن جي چڪاس ٿي گذري، جن مان 5 شگر جا مريض نڪتا جن کي علاج لاءِ طبي سهولتون ڏنيون ويون.

هڪ ڏينهن واري مفت طبي ڪئمپ ۾ آيل مريضن صحافين کي ٻڌايو ته هي فلاحي ڪم تعريف جوڳو آهي، اسان بابو عبدالرحمان جا ٿورائتا آهيون.