هالي ووڊ جي مشهور راڳي ايڪون به پاڪستان اچڻ جو فيصلو ڪري ورتو

news

ڪراچي: جمعو 11 جنوري 2019ع: پوري دنيا ۾ اسٽار فٽبالر ڪاڪا ۽ فيگو ڪراچي پهچي ويا جتي سندن شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ هاڻ پاڪستان ۾ مشهور ڳائڻو ايڪون به پاڪستان جو فيصلو ڪيو آهي.

رپورٽ موجب آمرڪي پاپ راڳي ايڪون هلندر سال پاڪستان ۾ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائيندو، آمريڪي شهرت رکندڙ پاپ اسٽار ايڪون اپريل ۾ ڪراچي ۽ لاهور ۾ پرفارم ڪندو.

ايڪون ورلڊ سڪور اسٽارز سان گڏ پرفارم ڪري شوقينن جي دل وندرائيندو، ايڪون به پاڪستان اچڻ جي حوالي سان پرجوش آهي.