چين ۾ ٻارن جي يونيفارم تي سينسر لڳائي ٽريڪنگ جي شروعات

news

بيجنگ: جمعو 11 جنوري 2019ع: چين ۾ هاڻ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي يونيفارم کي به سمارٽ ڪيو ويو آهي ڇو ته انهن تي لڳل خاص مائيڪرو چپ وسيلي اسڪول جي ٻاهران به سندن اچ وڃ تي نظر رکي سگهجي ٿي.

چيني صوبي گوائي زو جي 11 اسڪولن جي ٻارن جي يونيفارم تي مائيڪرو چپ لڳائي وئي آهي جيڪا گلوبل پوزيشننگ سسٽم وسيلي ٻارن جو جائزو وٺي رهي ٿي ڀلي هو اسڪول جي ميدان کان ٻاهر ئي ڇو نه نڪري چڪا آهن.

ٻارن جي ڪپڙن جي ڪلهن تي کاٻي ۽ ساڄي پاسي ٻه چپس لڳايون ويون آهن جن وسيلي اسڪول انتظاميه ۽ والدين ٻئي ٻارن جي ٽريڪنگ ڪري سگهن ٿا جيڪڏهن ٻار ڪلاس جي ڪمري کان ٻاهر وڃي يا اسڪول جي احاطي مان نڪري وڃي ته ان جي فوري اطلاع والدين ۽ اسڪول انتظاميه کي ٿي وڃي ٿي.

اهو سسٽم اسڪول ۾ ٻار جي سمهڻ جي خبر به انتظاميه کي پهچائي ڇڏيندو آهي ۽ ان تي بس نه پر ان ۾ هڪ موبائل ايپ وسيلي پئسا خرچ ڪرڻ ۽ انهن جي حد قائم ڪرڻ جو به انتظام آهي.

ان کي ٺاهيندڙ ڪمپني جو موقف آهي ته جديد ٽيڪنالاجي سان سلهاڙيل يونيفارم حفاظتي قدمن جي تحت ٺاهي وئي آهي ۽ اسڪول ۾ ٻارن کي منظم رکڻ جو به ڪم ڪندي آهي جڏهن ته سوشل ميڊيا تي ڪجهه حلقن ان تي تنقيد به ڪئي آهي.

ماڻهن چيو آهي ته ٻارن جا انساني حق هوندا آهن ۽ هو تخليا چاهيندا آهن جڏهن ته هڪ شخص ڪمپني کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن اوهان ٻار هجو ۽ 24 ڪلاڪ اوهان تي نظر رکي وڃي ته اوهان کي ڪيئن لڳندو؟.