صوفين جو نظريو ئي انسانيت جو فلسفو آھي: سجاول ۾ تقريب

news

سجاول: جمعو 11 جنوري 2019ع:سنڌ صوفين بزرگن جي محبت ڀائيچاري واري ڌرتي آھي، جتي نفرتن ۽ ڪلفتن جي ڪابه گنجائش نه آھي،صوفي ازم ئي واحد رستو آھي جنهن سان  سڪون ۽ راحت حاصل ڪري سگهجي ٿي. اهڙن خيالن جو اظھار جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ سيد نواز شاھ ڀاڏائي، جسقم آريسر جي مرڪزي اڳواڻ امير آزاد پنهور، ماهيگير اڳواڻ امير بخش جت، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ حسين آزاد، ڪهاڻيڪار ۽ اديب وزير صنم صوفي عاشق کوسو ۽ ٻين صوفي سنگت سجاول طرفان مريد کوسو ۾ ڪوٺايل انسانيت جي عظمت جي سري هيٺ صوفياڻي راڳ جي محفل ۾ تقريري نشست ۾ خطاب ڪندي ڪيو. هنن چيو ته صوفي سڏرائڻ سولو ڪم آھي پر صوفي ٿيڻ وڏي ڳالھ آھي، صوفين سدائي حق ۽ سڇ جو ڳاٽ اوچو ڪيو آھي.

تخدار تي چڙھي ۽ سولي جي ڦندي کي چمي به انسانيت جي ڳالھ ڪئي، سدائين حق خاطر وقت جي هر جابر کي للڪاريو. صوفي ازم ئي واحد نظريو آھي، جيڪو اسان کي صحيح دڳ فراهم ڪري ٿو. صوفي ازم جيڪا سنڌ ۾ صوفين جي سرتاج صوفي شاهه عنايت شھيد ۽ ٻين صوفين جيڪا شمع ٻاري اهاپوري دنيا ۾ وڌي اڄ عرب ملڪن کان ٿيندي يورپ تائين پهچي چڪو آھي.

صوفين جو نظريو ئي انسانيت جو فلسفو آھي. جڏھن ته صوفياڻي محفل ۾ مشھور صوفي فنڪار صوفي خالد حسين ڀٽي، صوفي مرتضيٰ شيخ، عاجز ستار ڪلمتي ۽ ٻين صوفياڻا ڪلام وايون ڪافيون ٻڌائي محفل کي جهومائي ڇڏيو، صوفياڻي محفل ۾ سابق ايم پي اي سيد شفيق شاھ بخاري، گسٽا ضلعي سجاول جي صدر غلام قادر باغي،پ ٽ الف جي اڳواڻ شڪور سارنگ، شاعر اياز امر شيخ،رضا آڪاش خاناڻي.

جسقم ضلعي سجاول جي اڳواڻ نظير لغاري،سماجي اڳواڻ صوفي سلطان کوسو،عبدالخالق ملاح،ايس ٽي پي اڳواڻ ممتاز لغاري سميت سجاول ٺٽو بدين سميت مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ صوفين سياسي سماجي ادبي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.01