ٽنڊوڄام ۾ ڳوٺاڻن پاران گهر ۽ زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

news

ٽنڊوڄام: جمعو 11 جنوري 2019ع:مٽياري ويجهو ڳوٺ رحيم منگواڻو جي رهواسي پورهيت غلام نبي منگواڻو پنهنجي گهر واري ۽ معصوم ٻارڙن سميت پريس ڪلب ٽنڊوڄام پهچي احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين اڳيان دانهيندي چيو آهي ته غلام محمد منگواڻو اسان جي هڪ ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ بعد گهر تي قبضو ڪري زبردستي  گهران بيدخل ڪري ڇڏيو آهي ۽ منهنجي مينهن جي واڙي تي قبضو ڪري 12 مينهون به پنهنجي قبضي هيٺ ڪري ڇڏيون آهن ۽ ابتو اسان خلاف مٽياري ضلعي اندر ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيا آهن.

جنهن سبب معصوم ٻارن سميت دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهيون، هن ٻڌايو ته سندن الهه تلهه تي قبضو ڪندڙ غلام محمد منگواڻو ڏوهاري قسم جو ماڻهو آهي مٿس خلاف قتل سميت ٻين سنگين ڏوهن جا ڪيس داخل ٿيل آهن ۽ کيس تر جي بااثر وڏيرن جي پٺ ڀرائي آهي جنهن سبب اسان جي ڪو به داد فرياد ٻڌڻ لاء تيار ئي ناهي.

هنن چيف جسٽس پاڪستان، آء جي سنڌ، وزير اعلي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي.01