ميهڙ ويجهو ڪار ڪلٽي، نوجوان فوت، چار ڄڻا زخمي

news

ميهڙ: جمعو 11 جنوري 2019ع:حيدرآباد کان واپس ميهڙ ايندڙ شادي جي ڄڃ جي گاڏي سان روڊ حادثو، 2 عورتن سميت 4 زخمي، نوجوان شهري اتحاد جي اڳواڻ جو ڀاءَ فوت، گهر ۾ ڪهرام خبرموجب موبائيل شاپ جي ڊيلر آفتاب شيخ جي مائٽن جي شادي جي ڄڃ حيدرآباد کان واپس ميهڙ اچي رهي هئي ته ميهڙ ڀرسان ڪولاچي وٽ ڄڃ ۾ شامل ڪار سان اوچتو روڊ حادثو پيش آيو، ڪار رستي تان لهي وڃڻ ڪري ڪلٽي ٿي پئي.

جنهن سبب 2 شيخ برادري جون عورتون ۽ هڪ ڄڻو آفتاب شيخ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڪار هلائيندڙ نوجوان شهري اتحاد ميهڙ جي اڳواڻ صحافي عامر عطار جو وڏو ڀاءَ ۽ نوجوان شهري اتحاد جي آرگنائيزر صحافي شڪيل عطار جو سئوٽ 35 سالن جو انصاف علي عطار موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.

جڏهن ته زخمين کي تعلقي اسپتال پهچايو ويو، جن کي بعد ۾ نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو. هوڏانهن فوتي انصاف علي عطار جو لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. مرحوم جي جنازه نماز عيد گاهه ۾ پڙهي وئي، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، صحافين ۽ وڪيلن سميت سوين شهرين شرڪت ڪئي، تدفين سندس اباڻي قبرستان ڳوٺ ٺوڙها ۾ ڪئي وئي. سوين آلين اکين سان کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.01