پنجاب ۾ وحشي پڻي ۾ واڌ، لاهور ۾ نينگر بدفعلي کانپوءِ قتل

news

 لاهور: ڇنڇر 12 جنوري 2019ع: پنجاب جي نينگرن توڙي ٻارڙين سان زيادتي کانپوءِ کين قتل ڪرڻ وارا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن.

لاهور جي علائقي معصوم شاهه ۾ 16 ورهين جي نويد کي 5 جوابدار هڪ حويلي تي زبردستي وٺي ويا، جتي کيس 5 ئي جوابدارن زيادتي جو نشانو بڻائي کيس قتل ڪري لاش حويلي ۾ ئي ڇڏي فرار ٿي ويا. پوليس مطابق واقعي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻڻ وارو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن صادق آباد ۾ ميٽرڪ جي شاگرد کي سندس دوست بدفعلي ڪري کيس قتل ڪرڻ کانپوءِ لاش واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو هو، جڏهن ته جلال پور ڀٽيان ۾ پڻ 14 ورهين جي شاگرد کي بدفعلي جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ کيس قتل ڪيو ويو هو.