ڪراچي سوڌو مختلف شهرن ۾ برسات، مٿانهين علائقن ۾ برفباري جو سلسلو به هلندڙ

news

 اسلام آباد: ڇنڇر 12 جنوري 2019ع: ڪراچي ۾ به ڪڪر وسي پيا ۽ مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات کانپوءِ ٿڌ ۾ ويتر واڌ ٿي وئي آهي.

شهر جي علائقن گلشن حديد، ايئرپورٽ، نيوملير، اورنگي ٽائون، فيڊرل بي ايريا ۽ عباس ٽائون ۾ صبح کان هلڪي ڦڙي جي ڪري موسم خوشگوار بڻجي ويو آهي. موسميات کاتي مطابق ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ وڌيڪ برسات جو امڪان آهي.

ٻئي پاسي اڄ مالاڪنڊ، هزاره، پشاور، ڪوهاٽ، مردان، سرگوڌا، گجرانوالا، فيصل آباد، ساهيوال ۽ لاهور ڊويزن ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات جي اڳڪٿي آهي، ان کانسواءِ راولپنڊي، اسلام آباد، گلگت بلستاتن ۽ ڪشمير ۾ به برسات جو امڪان آهي. هوڏانهن ملڪ جي مٿانهين جابلو علائقن ۾ برفباري جو سلسلو جاري آهي.