آسيا بيبي جي آزادي تي ٿيل هنگاما: متاثرن کي هڪ مهيني اندر ادائيگيون ڪرڻ جو حڪم

news

 لاهور: ڇنڇر 12 جنوري 2019ع: سپريم ڪورٽ هنگامن سبب ٿيل نقصان جي ازالي لاءِ پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي هڪ مهيني ۾ متاثرن کي ادائيگين جو حڪم ڏيندي ڪيس اڪلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ مهيني ۾ مڪمل ادائيگيون ڪري رپورٽ جمع ڪرائي وڃي.

رپورٽن مطابق سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ بئنچ آسيا بيبي جي آزادي تي ٿيل هنگامن دوران ٿيل نقصان جي ازالي لاءِ پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ڪئي. ٻڌڻي دوران پنجاب جي گهرو کاتي جو سيڪريٽري، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ٻيا عملدار پيش ٿيا. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته ادائيگيون ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿينديون.

ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته وڳوڙن دوران نقصانن جو ڪاٿو 262 ملين لڳايو ويو آهي، ڪابينا ان ڪاٿي جي منظوري ڏني آهي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ادائيگين جي پلان لاءِ ڪهڙي ڪاغذي ڪارروائي ٿي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته جيڪڏهن عدالت حڪم نه ڏي ها ته هي پلان به نه اچي ها، اڍائي مهينا گذري ويا پر ادائيگين جو پلان نه ڏنو ويو آهي.

گهرو کاتي جي سيڪشن آفيسر چيو ته هلندڙ مهيني ادائيگيون ڪري ڇڏينداسين. عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي هڪ مهيني اندر متاثرن کي ادائيگين جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.