اسرائيلي ويڙهاڪ جهازن پاران شام ۾ دمشق ايئرپورٽ تي ميزائل حملا

news

 دمشق: ڇنڇر 12 جنوري 2019ع: اسرائيلي ويڙهاڪ جهازن شام ۾ دمشق ايئرپورٽ تي ميزائل حملو ڪيو آهي.

رپورٽن مطابق اسرائيلي ويڙهاڪ جهازن شام جي گادي واري هنڌ دمشق جي هوائي اڏي تي ڪيترائي ميزائل فائر ڪيا آهن. اسرائيلي ويڙهاڪ جهازن رات جي وقت اهو حملو ڪيو، جنهن دوران دمشق ايئرپورٽ جي هڪ گودام کي نشانو بڻايو ويو.

شام جي فضائي دفاعي نظام جوابي ڪارروائي ڪندي ڪيترن ئي ميزائلن کي تباهه ڪيو آهي.