لاهور: ڊانس پارٽين ۾ منشيات وڪرو ڪندڙ ست ڏوهاري گرفتار، لکين رپين جون نشي آور شيون هٿ

news

 لاهور: آچر 13 جنوري 2019ع:  لاهور ۾ پوليس ڊانس پارٽين ۾ منشيات وڪرو ڪندڙ 7 ڏوهارين تي ٻڌل گروهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس مطابق ڊانس پارٽين ۾ منشيات سپلاءِ ڪندڙِ 7 ميمبرن تي ٻڌل گروهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ هڪ عورت به شامل آهي. ايس پي سٽي معاذ ظفر مطابق جوابدارن تعليمي ادارن واري پاسي منشيات وڪرو ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو آهي.

پوليس مطابق جوابدارن جي قبضي مان 43 لک کان وڌيڪ ماليت جون مختلف نشي آور ٽڪيون ۽ ٻيون شيون هٿ ڪيون ويون آهن.