حياتي بچائيندڙ غذا، جنهن کان نوي سيڪڙو ماڻهو اڻڄاڻ آهن

news

لنڊن: آچر 13 جنوري 2019ع: جيڪڏهن ڊاڪٽر اوهان کي انتهائي سستي، دوائن جي اثرن سان ڀرپور ۽ حياتي بچائيندڙ غذا کائڻ جو چئي ته يقين ڪريو اوهان جو جواب ها ۾ هوندو ته ياد رکو اها غذا فائبر چئي ويندي آهي جيڪا دل جي بيمارين، فالج، بلڊ پريشر ۽ شوگر جهڙن خطرناڪ مرضن کي روڪڻ ۾ ڪو مٽ نه ٿي رکي.

ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ فائبر ۽ ڪوليسٽرول جي وچ ۾ هڪ رابطو هٿ ٿيو آهي ۽ ايئن فائبر رت ۾ ڪوليسٽرول کي به نارمل رکي ٿو.

جيتوڻيڪ فائبر کي صرف قبضي لاءِ تجويز ڪيو ويندو آهي جيڪو درست ناهي جيڪڏهن هزارين نه ته ڪيترين ئي تحقيقن ۽ مطالعن سان فائبر جي اهميت دنيا تي واضح ٿي چڪي آهي، ماهرن روزانو 25 کان 30 گرام فائبر کائڻ جو مشورو ڏيندا آهن.

ڪجهه ماڻهو ڪيلي کي فائبر جو اهم ذريعو سمجهن ٿا پر 120 گرام وزني ڪيلي ۾ فائبر جي صرف 3 کان 4 گرام مقدار هوندي آهي، ان جي ڪري ئي دنيا جي 90 سيڪڙو آبادي فائبر استعمال نه پئي ڪري. ڪيترائي ميوا ۽ ڀاڄيون، مڪمل ان، پاستا، چڻا، ٻج ۽ ڊرائي فروٽ ۾ ان جي وڏي مقدار ملندي آهي.