ايران ۾ جهاز ڪري تباهه، ڏهه ڄڻا فوت

news

 تهران: سومر 14 جنوري 2019ع: ايران جي گادي واري هنڌ تهران ۾ بوئنگ جهاز ڪري تباهه ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

رپورٽن مطابق ايران جي گادي واري هنڌ تهران ۾ بوئنگ جهاز 707 ڪري تباهه ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. جهاز ۾ رڳي 10 ڄڻا سوار هئا، حادثو تهران ويجهو ڪاراج ايئرپورٽ وٽ سفادشت نالي علائقي ۾ پيش آيو. خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جهاز خراب موسم سبب حادثي جو شڪار ٿيو آهي.