ملڪ جي نوَ علائقن جي نيڪال واري نظام ۾ پوليو وائرس جي تصديق

news

 ڪراچي: سومر 14 جنوري 2019ع: ملڪ جي 9 علائقن جي نيڪال واري نظام ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي. انڊيپينڊنٽ مانيٽرنگ بورڊ (آءِ ايم بي) جي اجلاس ۾ عملدارن ان حوالي سان نشاندهي ڪئي.

عملدارن مطابق پاڪستان جي 9 علائقن جي نيڪال واري نظام ۾ پوليو وائرس جي نشاندهي ٿي، ان علائقن ۾ ڪراچي جو گڏاپ، ڪورنگي، لاهور، بنون، قلعو عبدالله، پشاور، پشين، ڪوئيٽا ۽ راولپنڊي شامل آهن. عملدارن ٻڌايو ته 16 هنڌن تي پوليو وائرس جي موجودگي ملي، جڏهن ڪراچي ۾ گڏاپ يوسي 4 ۽ ڪورنگي يوسي 6 جي نيڪال واري نظام ۾ وائرس موجود آهي.