هر ضلعي ۾ ميڊيڪل، انجنيئرنگ، آرٽ ۽ سائنس جي يونيورسٽي ٺاهڻ گهرجي: اياز لطيف پليجو

news

 حيدرآباد: سومر 14 جنوري 2019ع: قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه ۽ نامياري قانوندان اياز لطيف پليجي چيو آهي ته بند ۽ غير فعال ٽيڪنيڪل ڪاليجن کي فعال ڪيو وڃي، سنڌ جي هر ضلعي ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي، انجنيئرنگ يونيورسٽي، آرٽ ۽ سائنس يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي، ڪرپشن، انتهاپسندي ۽ اقرباپروري جو تعليم سان مقابلو ڪري سگهجي ٿو، بيروزگاري انتها تي آهي، نوجوان ڊگريون کڻي در در جون ٺوڪرون کائي رهيا آهن، سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت روزگار جا وسيلا پيدا ڪري، سنڌ جي هر ڊويزن ۾ صنعتي زون قائم ڪيو وڃي. هن اهڙو اظهار بي 48 پرنس ٽائون حيدرآباد ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو.

اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ ميرٽ کانسواءِ اڳتي نٿو وڌي سگهجي، نوجوان شارٽ ڪٽ بدران ميرٽ تي اڳتي وڌڻ جون ڪوششون ڪن، لائبريرين ۾ وڃي ريسرچ ڪئي وڃي، تاريخ، ادب، سائنس ۽ چيٽاڀيٽي جي امتحانن لاءِ تعليم حاصل ڪئي وڃي. هن چيو ته سي پيڪ ذريعي سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ترقي جي وڏي لهر اچڻي آهي، لکين روزگار جا ذريعا ايندا، انهن لاءِ ميرٽ گهرجي، سي پيڪ ۾ نوڪرين لاءِ ٽيڪنيڪل تعليم حاصل ڪئي وڃي، پ پ حڪومت پنهنجون سموريون صلاحيتون ڪرپشن ڪيسن مان جان ڇڏائڻ تي استعمال ڪري رهي آهي.

هن چيو ته بادشاهه سلامت پاران ملڪه عاليه کي صاف رستو ڏيارڻ لاءِ بليڪ ميلنگ جي سياست ڪئي پئي وڃي، ان ڪري نوجوان پيپلز پارٽي مان اميدون رکڻ بدران تعليم تي ڌيان ڏين، دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اسڪالرشپ لاءِ ڪوششُون ورتيون وڃن.

اياز لطيف پليجي چيو ته نواب شاهه، خيرپور، ڪراچي، ڄامشورو ۾ جيڪي موجود يونيورسٽيون آهن، انهيءَ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ مناسب سهولتون ناهن، اهي مسئلا حل ڪيا وڃن، هزارين شاگرد هر سال داخلائن کان رهجي وڃن ٿا، ان ڪري هر ضلعي ۾ يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي ته جيئن نوجوان اعليٰ تعليم جي ميدان ۾ اڳتي اچي سگهن.