سنڌ يونيورسٽي جي سوشالاجي شعبي جي اسڪالر شجاع ايم جلال الدين کهاوڙ جو پي ايڇ ڊي سيمينار

news

 ڄامشورو: سومر 14 جنوري 2018ع: سنڌ يونيورسٽي جي سوشالاجي شعبي جي اسڪالر شجاع ايم جلال الدين کهاوڙ جو پي ايڇ ڊي سيمينار  انٽرنيشنل رليشنز شعبي جي نيلسن منڊيلا هال ۾ ٿي گذريو، جنهن جي صدارت  سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت ڪئي.

ان موقعي تي اسڪالر پنهنجي ٿيسز بعنوان:”ڪئمپس ڪرائيسز ان يونيورسٽيز آف جامشورو: اي سوشالاجيڪل اسٽڊي“ جي حوالي سان تفصيلي پريزنٽيشن ڏني. جنهن ۾ هن ڄامشوري ۾ قائم ٽن يونيورسٽين سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز  بابت ٿيل تحقيق پيش ڪئي.

ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت ۽ سيمينار ۾ ماهر جي حيثيت ۾ شريڪ ڪراچي يونيورسٽي جي سوشالاجي شعبي جي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر رعنا صبا سلطان اسڪالر پاران انتهائي اهم موضوع تي ڪيل تحقيق کي ساراهيندي، ان ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ لاءِ کيس مختلف تجويزون ڏنيون.

ان موقعي تي اسڪالر سيمينار ۾ شريڪ استادن، محققن ۽ شاگردن جي موضوع جي مناسبت سان ڪيل سوالن جا جواب پڻ ڏنا. سيمينار ۾ اسڪالر جو سپروائيزر پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو پڻ موجود هو.