ايران جو خلا ۾ اماڻيل سيٽلائيٽ منزل تي پهچڻ کان اڳ تباهه

news

 تهران: اڱارو 15 جنوري 2019ع: ايران پاران اڄ صبح خلا ۾ اماڻيل سيٽلائيٽ منزل تي پهچڻ کان اڳ ئي تباهه ٿي ويو آهي.

رپورٽن مطابق ايران جي ٽيليڪميونيڪيشن وزير محمد جاويد اظهري سرڪاري ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته خلاف ۾ اماڻيل ”پيام“ سيٽلائيٽ منزل تي پهچڻ ۾ ناڪام ٿي ويو. هن جو چوڻ هو ته سيٽلائيٽ جي لانچ کانپوءِ راڪيٽ پهرين  ۽ ٻئين مرحلي ۾ ڪاميابي سان اڏام ڪندو رهيو پر ٽئين مرحلي ۾ ڪجهه مسئلا پيدا ٿيا ۽ سيٽلائيٽ منزل تائين پهچي نه سگهيو.

ايراني وزير راڪيٽ ۾ خرابي بابت ڪجهه نه ٻڌايو پر هن واعدو ڪيو ته ايراني سائنسدان پنهنجو ڪم جاري رکندا.