ٽرمپ ترڪي کي معاشي طور تباهه ڪرڻ جي بيان تان ڦري ويو

news

واشنگٽن: اڱارو 15 جنوري 2019ع: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ترڪي جي معيشت کي تباهه ڪرڻ جي بيان تي ڦرندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي ترقي جا وسيع موقعا آهن.

گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ٽرمپ ترڪي خلاف انتهائي سخت بيان جاري ڪندي ٽوئيٽ ڪيو هو ته شام مان آمريڪي فوج نڪرن شروع ٿي وئي آهي ۽ جيڪڏهن ترڪي شام ۾ ڪردن کي نشانو بڻايو ته آمريڪا ترڪي کي اقتصادي طور تي تباهه ڪري ڇڏيندو.

جڏهن ته اڄ حيران ڪندڙ طور  تي هن بيان مٽائيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي ترقي جا وڏا موقعا موجود آهن. صدر ٽرمپ ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ چيو ته منهنجي ترڪ هم منصب رجب طيب اردگان سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ جا ڊگها موقعا موجود آهن.

آمريڪي صدر چيو ته هن ترڪ صدر سان شام ۾ آمريڪي فوجي نڪرڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس گذريل ٻن هفتن جي دوران داعش خلاف جنگ ۾ پنهنجي تازي ڪاميابين کان آگاهه ڪيو جڏهن ته ويهه ميل ڊگهو هڪ سيف زون ٺاهڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ٽرمپ وڌيڪ چيو ته هو شام ۾ ترڪي جي  سيڪيورٽي خدشن کان آگاهه آهي ۽ ان جي مدد ڪرڻ چاهي ٿو.